رئوف عباسي

رئوف عباسي

رئوف عباسي

رئوف عباسي: سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار رئوف عباسيءَ جو پورو نالو عبدالرئوف ولد عبدالغفار عباسي آهي. سندس جنم 04 مئي 1968ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. 1978ع ۾ هن ابتدائي تعليم خير شاهه بخاري جي پرائمري اسڪول مان، مئٽرڪ 1983ع ۾ گورنمينٽ پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر 1986ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي. اي 1988ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ايم. اي 1990ع ۾ سچل سرمست ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان، ۽ بي. ايڊ (99-1989ع) ۾ گورنمينٽ ڪاليج فار ايجوڪيشن لاڙڪاڻي مان ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1985ع ڌاري ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ’خالي هٿ‘ نالي سان 1988ع ۾ پندرهن روزه عبرت مئگزين ۾ شايع ٿي. جنهن بعد ڪهاڻيون، ڪالم وغيره باقاعده لکڻ شروع ڪيائين. سندس ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهن ٿيون. هيءُ 1986ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جو ميمبر آهي ۽ شاخ جي مختلف عهدن تي پڻ رهيو آهي. سندس ڪالم روزاني عوامي آواز ۽ هلال پاڪستان ۾ هفتيوار ڇپبا رهيا آهن. هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻاهرين ادب مان ترجمو پڻ ڪيون آهن. سندس ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ’بي ساهو خواب‘ 2004ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ’جنم جنم جلا وطن‘ ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي. کيس مڃتا طور سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر پاران ’بهترين ڪهاڻي اوارڊ‘ ۽ دعوه اڪيڊمي اسلام آباد طرفان مضمون نويسي مقابلي ۾ اوارڊ ملي چڪا آهن. هيءُ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1968.05.04  عيسوي

سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار رئوف عباسيءَ جو پورو نالو عبدالرئوف ولد عبدالغفار عباسي آهي. سندس جنم 04 مئي 1968ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شـمس جـعـفـراڻي
آدمجي حاجي دائود
صالح عليه السّلام
شير خواجه
ڌياڻو مخدوم عربي
سيد صابن شاهه ڊاڪٽر
خفيف I
ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي
عبدالله مرزا
آشا چاند
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون